درسگاهه مصلح الدين

درسگاهه مصلح الدين: هيءَ درسگاهه ٺٽي ۾ قائم هئي، جيڪا ان وقت جي عالم ۽ محدث مولانا مصلح الدين لاري ٺٽويءَ قائم ڪئي هئي. سندس مدرسي ۾ ان وقت وڏن عالمن جي نگرانيءَ ۾ قرآن مجيد، حديث، عربي، فارسي۽ فقھ جي تعليم ڏني ويندي هئي. وقت جا وڏا عالم عربيءَ جون ڏکيون شرحون هن مدرسي مان پڙهيا. عربيءَ جي فيض لاءِ پري پري کان ڪيترا شاگرد اچي هتي تعليم حاصل ڪندا هئا.
مولانا مصلح الدين حديث جو تمام وڏو ڄاڻو هو، ان ڪري وقت جي عالمن ۽ حاڪمن وٽ سندس وڏي عزت هوندي هئي. شاهه حــسـن ارغــون به وٽـس پـڙهـيــو هـو. هـن درسـگاهه ۾ ٻين علمن سـان گـڏ خـوشـنويـسي ۽ خطاطي به سيکاري ويندي هئي. ناليوارا خوشنويس ۽ خطاط، حافظ رشيد، سيد حسن، مخدوم الياس، سيد رحمت الله، سيد علي، ميان شيخ محمد، شيخ محمد پناهه، ملا عبدالرشيد، محمد مقيم، ملا محمد صوفي، مير محمد طاهر نسياني ۽ شجاع ٺٽوي به هن درسگاهه جا ترتيب يافته هئا. مولانا مصلح الدين درس تدريس سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم به ڪندو هو. ڪيترا رسالا پڻ لکيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو